Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:2 - Sindhi Bible

2 ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.


بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.


هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر ان جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.


صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.


ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.


جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.


سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين.


۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو، تہ ڇو تو پنهنجيءَ گڏهہ کي ٽي ڀيرا ماريو؟ ڏس، آءٌ تنهنجي مخالفت لاءِ آيو آهيان، ڇالاءِ جو تنهنجي هلت منهنجيءَ نظر ۾ ڏنگي آهي:


تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.


۽ ٿواتيرہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ خدا جو فرزند، جنهن جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون آهن، ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو چوي ٿو تہ


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪو بادشاهہ ڪونہ هو: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ اُهو ڪم ٿي ڪيو جو سندس نظر ۾ چڱو ٿي لڳو.


۽ جن پاڻيءَ جي لپ ڀري پنهنجي وات وٽ آڻي انهي مان پيتو، تن جو شمار ٽي سؤ ماڻهو هو، پر باقي ماڻهن گوڏن ڀر جهڪي پاڻي پيتو.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ