18 مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.
18 مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.
۽ جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان نہ جهڪيو ۽ نہ کيس تعظيم ڏنائين، تڏهن هامان ڏاڍو ڪاوڙيو.
تڏهن هامان اندر آيو. ۽ بادشاهہ چوڻ لڳس تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، تنهن جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻي هامان پنهنجي دل ۾ چيو تہ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهرندو هوندو؟
تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.
جڏهن مغروري اچي ٿي تڏهن شرمندگي بہ اچي ٿي: پر ڏاهپ نماڻن وٽ آهي.
جيڪو جهيڙي جهڳڙي کي پيار ڪري ٿو سو گناهہ کي پيار ڪري ٿو: جيڪو پنهنجو دروازو بلند ٿو ڪري سو پنهنجي خرابي ٿو ڳولي.
ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.
ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.
خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.
۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.
تنهنجي دل تنهنجي حسن جي ڪري مٿي چڙهي ويئي، ۽ تو پنهنجي رونق سبب پنهنجي ڏاهپ خراب ڪري ڇڏي آهي: مون توکي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مون توکي بادشاهن جي اڳيان رکيو آهي تہ اُهي توکي ڏسن.
۽ مصر جي زمين ويران ۽ سُڃ ٿي پوندي؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ندي منهنجي آهي ۽ مون اُها جوڙي آهي.
۽ جڏهن اُهو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي ويندي، ۽ هو لکن کي ڪيرائيندو، پر غالب نہ پوندو.
پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛
تڏهن سندس حضوريءَ مان هٿ جو ڀاڱو موڪليو ويو ۽ هيءَ لکت لکي ويئي.
تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.
پوءِ جنهن توکي ۽ هن کي سڏيو آهي، سو اچي چويئي تہ هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏي؛ ۽ توکي ڦڪو ٿي سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي ويهڻو پوي.
چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،
نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛
انهيءَ هوندي بہ بني عمون جي بادشاهہ اُهي ڳالهيون نہ ٻڌيون جي افتاح هن کي چوائي موڪليون.
۽ جڏهن انهي فلستيءَ هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ دائود کي ڏٺائين تڏهن هن کي حقير ڄاتائين: ڇالاءِ جو هو اڃا ڇوڪر هو، ۽ ڳاڙهيرو ۽ خوبصورت هو.