Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:10 - Sindhi Bible

10 بادشاهہ جي چپن ۾ خدائي فيصلو آهي: هن جو وات عدالت ۾ خطا نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بادشاهہ جي زبان تي خدائي فيصلو هوندو آهي، سو فتويٰ ٻڌائڻ ۾ هن کان ڪا خطا نہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف انهن کي چيو تہ اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ڏسي ٿو سگهي؟


هي اهو پيالو ڪينهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي؟ بلڪ هو فال بہ انهي سان ئي ڏسندو آهي؟ هي تہ اوهان بڇڙو ڪم ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهو جي هٿان ڇڏائيندو، جو مون کي، ۽ منهنجي پٽ کي گڏ ناس ڪرڻ، ۽ خدا جي ورثي کان خارج ڪرڻ ٿو گهري.


۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


پر جڏهن هو مضبوط ٿيو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي، جنهنڪري هو خراب ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ خداوند پنهنجي خدا جو گنهگار ٿيو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي هيڪل ۾ لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ تي لوبان ساڙڻ ويو.


بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين.


بادشاهہ عدالت سان ملڪ کي قائم ڪري ٿو، پر جيڪو زور سان نذرانا وٺي ٿو سو ملڪ کي تباهہ ڪري ٿو.


هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي.


اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛


گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ