Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:1 - Sindhi Bible

1 دل جون تياريون ماڻهوءَ جي بِلي آهن: پر زبان جو جواب خداوند وٽان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر ٺاهيندين ڇا؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ اسرائيل جو بادشاهہ اهو آهي تنهنڪري هو ڦري هن سان وڙهڻ لڳا: پر يهوسفط دانهن ڪئي ۽ خداوند هن کي مدد ڏني، ۽ خدا هنن جي دل ۾ وڌو، ۽ هو انهيءَ کي ڇڏي هليا ويا.


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)


منهنجا ڏينهن گذري ويا آهن ۽ منهنجا ارادا ڀڄي پيا آهن، بلڪ منهنجي دل جا خيال بہ.


اي خداوند، تو نماڻن جي خواهش ٻڌي آهي: تون انهن جي دل کي تيار ڪندين، تون ڪن ڏيئي ٻڌندين:


منهنجيءَ دل کي پنهنجين شاهدين ڏانهن مائل ڪر، نہ لالچ ڏانهن.


۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


ماڻهوءَ جو گهمڻ گهتڻ خداوند جي وس آهي، تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح پنهنجو رستو سمجهي سگهندو؟


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي.


پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ