Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:7 - Sindhi Bible

7 ڏاهي جا چپ علم پکيڙين ٿا: پر بي عقل جي دل ائين نٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بي‌وقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.


راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.


سچي جي گهر ۾ گهڻو خزانو آهي: پر شرير جي پيدائش ۾ خرابي آهي.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


ڏاهي جي دل سندس وات کي تعليم ڏئي ٿي، ۽ سندس چپن ۾ علميت زيادہ ڪري ٿي.


تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن.


ڏاهي ماڻهوءَ جي دل سندس سڄي هٿ ۾ آهي؛ پر بي عقل جي دل سندس کٻي هٿ ۾ آهي.


اي منهنجي ڪنوار، تنهنجن چپن مان ماناري وانگر ماکيءَ جا ڦڙا ڪرن ٿا: ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن؛ ۽ تنهنجن ڪپڙن جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي.


جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو.


اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.


۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.


۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ