4 نيڪ زبان حياتيءَ جو هڪڙو وڻ آهي: پر انهيءَ جي ڏنگائي روح جي شڪست آهي.
4 مهربانيءَ وارا لفظ حياتي بچائيندڙ دوا مثل آهن. مگر ٺڳيءَ واريون ڳالهيون دل کي ٽوڙيو ڇڏين.
ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان، منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦٽيل آهي.
سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.
ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.
خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.
بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.
وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن.
ماڻهو جو روح پنهنجي ضعيفائي کڻي وٺندو؛ پر شڪستو روح ڪير کڻي سگهندو؟
چغل خور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن.
چغلخور جون ٻوليون لذيذ لقمن وانگي آهن، ۽ اُهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ وڃيو ٿيون پهچن.
جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.
پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.