Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:32 - Sindhi Bible

32 جيڪو عتاب قبول نٿو ڪري سو خود پنهنجي روح کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو فهمائش ڌيان ڏيئي ٻڌي ٿو تنهن کي سمجهہ حاصل ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 تربيت کان منهن موڙڻ وارو پنهنجي جان جو دشمن آهي، مگر تنبيهہ تي ڌيان ڏيڻ وارو سمجھہ حاصل ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:32
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.


پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟


جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.


سمجهہ واري ماڻهوءَ جي دل علم جي طلب ۾ رهي ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ تي گذران ڪري ٿو.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


۽ اهي انهي جي شهر جي بزرگن کي چون، تہ هي اسان جو پٽ ضدي ۽ فسادي آهي، ۽ هو اسان جو حڪم نٿو مڃي؛ ۽ هو هٿ ڦاڙ ۽ نشئي آهي.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پٽ ضدي، ۽ فسادي هجي، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حڪم نہ مڃيندو هجي، ۽ جيتوڻيڪ هو کيس سيکت ڏين تہ بہ نہ ٻڌي:


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.


بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.


جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.


خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ