30 اکين جي روشنائي دل کي خوش ڪري ٿي: ۽ خوشخبري هڏن کي ٿلهو ٿي ڪري.
30 مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي.
۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.
مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.
دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي.
سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.
خداوند شريرن کان پري آهي: پر هو سچن جي دعا ٻڌي ٿو.
جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.
خوشيءَ واري دل چڱي دوا آهي: پر شڪستو روح هڏا سڪائي ڇڏي ٿو.
جيئن ٿڌو پاڻي اُڃايل جان جي لاءِ، تيئن اها خوشخبري جا پرانهين ملڪ کان اچي.
اها تنهنجي دُن لاءِ تندرستي، ۽ تنهنجن هڏن لاءِ مک آهي.
سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.
۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.
۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.
۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.