Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:3 - Sindhi Bible

3 خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


خدا انهن کي ايترو ڏئي ٿو جو هو صحيح سلامت رهن ٿا، ۽ انهن تي ڀروسو رکن ٿا؛ ۽ هن جون اکيون هنن جي راهن تي آهن.


ڇالاءِ جو هو زمين جي پڇاڙيءَ تائين نظر ڊوڙائي ٿو، ۽ سڄي آسمان جي هيٺان ڏسي ٿو؛


هو منهنجا رستا نٿو ڏسي ڇا، ۽ منهنجا سڀ قدم نٿو ڳڻي ڇا؟


خداوند آسمان مان ڏسي ٿو؛ هو بني آدم تي نظر ٿو رکي.


نيڪ زبان حياتيءَ جو هڪڙو وڻ آهي: پر انهيءَ جي ڏنگائي روح جي شڪست آهي.


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


صلاح مصلحت ۾ وڏو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ طاقت وارو: جنهن جون اکيون بني آدم جي سڀني رستن تي کليل آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ڪنهن کي سندس رستن موجب ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏئي:


ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ