Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:18 - Sindhi Bible

18 ڪاوڙيل ماڻهو تڪرار اُٿاري ٿو: پر جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو جهيڙي کي اُجهايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:18
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جون بادشاهہ ۾ ڏهہ پتيون آهن، ۽ دائود ۾ اسان جو اوهان کان زيادہ حق بہ آهي: تڏهن اوهان اسان کي ڇو ٿي حقير سمجهيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پهرين اسان جي صلاح نہ ورتوَ؟ ۽ يهوداہ جي ماڻهن جون ڳالهيون اسرائيل جي ماڻهن جي ڳالهين کان وڌيڪ شوخ هيون.


ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو.


جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


سست ماڻهو جو رستو ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو آهي: پر سچي جي واٽ شاهي سڙڪ ڪئي ٿي وڃي.


بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصدن وانگر آهي: پر ڏاهو ماڻهو انهيءَ کي جهڪو ڪندو.


بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو.


جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم:


گهڻي تائين تحمل ڪرڻ ڪري حاڪم کي آڻي مطلب تي بيهارجي ٿو، ۽ نرم زبان هڏ ڀڃيو وجهي.


جيئن اڱر ٽانڊن لاءِ، ۽ ڪاٺيون باهہ لاءِ، تيئن جهيڙاڪ ماڻهو جهيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.


جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.


ڪاوڙ وارو ماڻهو جهيڙو اُٿاري ٿو، ۽ غضبناڪ ماڻهو گناهہ ۾ وڌندو ويندو.


جيڪڏهن حاڪم جي طبيعت تنهنجي برخلاف ٿئي، تہ پنهنجي جاءِ ڇڏي نہ وڃ؛ ڇالاءِ جو تحمل وڏن ڏوهن کي جهڪو ڪيو ڇڏي.


مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ