12 ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.
12 هٺيلو ماڻهو تنبيهہ کي پسند نہ ٿو ڪري، تنهنڪري هو عقلمندن جي مجلس ۾ هرگز نہ ٿو وڃي.
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگهون ٿا: پر انهيءَ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪڏهن بہ چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري، پر هميشہ خراب ٿو ڪري: اهو آهي ميڪاياہ بن املہ. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ ائين نہ چوي.
انهيءَ هوندي بہ هنن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ، ڇالاءِ جو اسين تنهنجا رستا ڄاڻڻ نہ ٿا گهرون.
اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟
ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.
ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.
جيڪو رستو ڇڏي ڏئي ٿو تنهن جي لاءِ تڪليف جهڙي سيکت آهي: ۽ جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو مرندو.
جيڪو دروازي ۾ بيهي ملامت ڪري ٿو، تنهن کي هو ڌڪارين ٿا؛ ۽ جيڪو سچ ٻڌائي ٿو تنهن سان هو نفرت ٿا ڪن.
ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.
ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا،