Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:11 - Sindhi Bible

11 قبر ۽ ويراني خداوند جي اڳيان آهي: تڏهن انسانن جون دليون ڪيترو نہ وڌيڪ هونديون!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن تہ قبر ۽ پاتال ئي خداوند کان ڳجھا ڪين آهن، تڏهن انسان پنهنجي دلين جا خيال کانئس ڪيئن ٿا لڪائي سگھن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون آسمان ۾ پنهنجي رهڻ واريءَ جاءِ مان ٻڌج ۽ بخشج، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو انهي جي دل جي توکي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون بني آدم جون دليون سڃاڻين ۽ ڄاڻين ٿو؛)


هن جي اڳيان قبر جو منهن اُگهاڙو آهي، ۽ جهنم بہ کليل آهي.


جي مٿي آسمان ۾ چڙهي وڃان، تہ اتي تون آهين: جي قبر ۾ پنهنجو بسترو وڇايان، تہ اتي بہ تون آهين.


تہ خدا انهيءَ جو حساب نہ وٺندو ڇا؟ ڇالاءِ جو هو دلين جا ڳجهہ ڄاڻي ٿو.


شل بڇڙن جي بڇڙائي بند ٿي وڃي، پر تون راستبازن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو سچو خدا دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهي.


جيڪو رستو ڇڏي ڏئي ٿو تنهن جي لاءِ تڪليف جهڙي سيکت آهي: ۽ جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو مرندو.


صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.


قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ماڻهوءَ جون اکيون بہ ڪڏهن ڍاول نہ رهنديون.


آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي،


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


اُنهن جي مٿان اوڙاهہ وارو ملائڪ بادشاهہ هو: انهي جو نالو عبرانيءَ ٻوليءَ ۾ ابدون آهي، ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ