Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:10 - Sindhi Bible

10 جيڪو رستو ڇڏي ڏئي ٿو تنهن جي لاءِ تڪليف جهڙي سيکت آهي: ۽ جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ايلياہ کي ڏٺو تڏهن اخي آب هن کي چيو تہ اي اسرائيل کي تڪليف ڏيڻ وارا، اهو تون آهين ڇا؟


۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.


ڇالاءِ جو هو سندس پٺ ڇڏي ٻئي پاسي هليا ويا، ۽ هن جي ڪنهن بہ رستي جو ڌيان نہ رکيائون.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


پر اوهان منهنجي سڀ صلاح مصلحت باطل ڪري ڇڏي، ۽ منهنجو عتاب ٻڌڻ نہ گهريو:


انهن کي منهنجي نصيحت وٺڻ جي خواهش نہ هئي؛ انهن منهنجي عتاب کي خسيس سمجهيو.


جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.


جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.


ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.


قبر ۽ ويراني خداوند جي اڳيان آهي: تڏهن انسانن جون دليون ڪيترو نہ وڌيڪ هونديون!


شرير جو رستو خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي: پر هو انهيءَ سان محبت رکي ٿو جو سچائيءَ تي هلي ٿو.


تون چوندين تہ هنن مون کي ڌڪ هنيو آهي پر مون کي ايذاءُ ڪونہ پهتو آهي؛ هنن مون کي ماريو آهي، پر مون تي انهيءَ جو اثر ئي ڪونہ ٿيو: آءٌ ڪڏهن سجاڳ ٿيندس؟ آءٌ وري انهيءَ کي ڳوليندس.


۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟


انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.


ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.


ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ