Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:1 - Sindhi Bible

1 نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جون بادشاهہ ۾ ڏهہ پتيون آهن، ۽ دائود ۾ اسان جو اوهان کان زيادہ حق بہ آهي: تڏهن اوهان اسان کي ڇو ٿي حقير سمجهيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پهرين اسان جي صلاح نہ ورتوَ؟ ۽ يهوداہ جي ماڻهن جون ڳالهيون اسرائيل جي ماڻهن جي ڳالهين کان وڌيڪ شوخ هيون.


۽ هنن چيس تہ جيڪڏهن تون اڄ هنن ماڻهن جو خادم ٿيندين، ۽ هنن جي خدمت ڪندين، ۽ ورندي ڏيندين، ۽ هنن سان چڱيون ڳالهيون ڪندين، تہ هو هميشہ لاءِ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.


۽ هنن چيس تہ جي تون هنن ماڻهن تي مهربان ٿيندين، ۽ هنن کي خوش رکندين، ۽ هنن سان چڱيءَ طرح ڳالهائيندين، تہ هو هميشہ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.


هو توکي ڪو گهڻيون منٿون ڪندو ڇا؟ يا تو سان نرم ڳالهيون ڪندو ڇا؟


ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو.


ڪاوڙيل ماڻهو تڪرار اُٿاري ٿو: پر جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو جهيڙي کي اُجهايو ڇڏي.


گهڻي تائين تحمل ڪرڻ ڪري حاڪم کي آڻي مطلب تي بيهارجي ٿو، ۽ نرم زبان هڏ ڀڃيو وجهي.


جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.


ڪاوڙ وارو ماڻهو جهيڙو اُٿاري ٿو، ۽ غضبناڪ ماڻهو گناهہ ۾ وڌندو ويندو.


ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو شرير کي باهہ ڏيو ڇڏين، پر ڏاها ماڻهو ڪاوڙ پاسي ورايو ڇڏين.


ائين چئي هن مجلس برخاست ڪري ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ