Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:9 - Sindhi Bible

9 بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 بي‌عقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اُهو ڪيترو نہ گهٽ پاڪ هوندو جيڪو ڪراهت جهڙو ۽ خراب آهي، اهڙو ماڻهو جو گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃي ٿو.


اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟


شرارت ڪرڻ بي عقل جي لاءِ هڪڙي راند آهي: ۽ سمجهہ واري جي لاءِ ڏاهپ بہ ائين ئي آهي.


جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.


چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو.


چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي.


يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو.


ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين.


اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


جو اهي اوهان کي چوندا هئا تہ آخر زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪرڻ وارا ايندا، جي پنهنجين برين خواهشن تي هلندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ