Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:8 - Sindhi Bible

8 سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي ڊپ دانائيءَ جي شروعات آهي؛ جيڪي هن جي حڪمن کي مڃين ٿا سي سمجهو آهن: سندس تعريف هميشہ تائين ٿيندي رهندي.


شل منهنجي چال اهڙي قائم ٿئي جو آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪريان!


ي تنهنجن هٿن مون کي ٺاهيو ۽ جوڙيو آهي: مون کي سمجهہ عطا ڪر تہ آءٌ تنهنجا حڪم سکان.


صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجهہ جي ڳالهہ ٻڌاءِ؛ ڇو تہ منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي: جنهن واٽ تي مون کي هلڻ گهرجي سا مون کي ڏيکار: ڇو جو آءٌ پنهنجيءَ جان کي تو سان ٿو لڳايان.


شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.


سچن جا خيال انصاف جهڙا آهن: پر شريرن جون مصلحتون ٺڳي آهن.


جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.


تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين.


آءٌ سچائيءَ جي رستي تي، ۽ عدالت جي واٽن جي وچان هلان ٿي:


تنهن کان پوءِ مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي عقليءَ کان ايتري قدر بهتر آهي، جيتري قدر روشنائي اونداهيءَ کان بهتر آهي.


ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!


پنهنجون اکيون مٿي کڻو، ۽ جيڪي اُتر کان اچن ٿا تن کي ڏسو: جيڪو ڌڻ، يعني سهڻو ڌڻ توکي ڏنو ويو هو سو ڪٿي آهي؟


ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛


تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.


پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ