Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:6 - Sindhi Bible

6 ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو، ڪڏهن بہ ڏاهپ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. مگر جنهن ماڻهوءَ کي سمجھہ آهي، سو آسانيءَ سان ڏاهپ حاصل ڪري سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجيون اکيون کول، تہ آءٌ تنهنجيءَ شريعت جا عجيب ڪم ڏسان.


انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:


ايماندار شاهد ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو: پر ڪوڙو شاهد ڪوڙ ڳالهائي ٿو.


بي عقل ماڻهوءَ جي روبرو ويندين تہ هن ۾ علم وارا چپ نہ ڏسندين.


ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.


ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟


ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن.


بي عقل کي سمجهہ مان ڪابہ خوشي حاصل نٿي ٿئي، سواءِ هن جي تہ سندس دل پنهنجو حال ظاهر ڪري.


ڏاهپ بي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهي: هو چونڪ ۾ پنهنجو وات نٿو پٽي.


تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.


منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي.


جيڪو سمجهي ٿو تنهنجي لاءِ اُهي سڀ صاف آهن، ۽ جن کي علم حاصل آهي تن جي لاءِ اهي سچيون آهن.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئين تہ آئون ڪي ڪجهہ ڄاڻان ٿو، تہ هو اڃا ايترو نٿو ڄاڻي جيترو ڄاڻڻ گهرجي.


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ