Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:16 - Sindhi Bible

16 ڏاهو ماڻهو ڊڄي ٿو، ۽ بديءَ کان پري ڀڄي ٿو: پر بي عقل بي حيا ٿي هلي ٿو، ۽ يقين وارو ڏسجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بي‌وقوف ماڻهو بي‌پرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:16
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسوءَ چيو تہ مون وٽ ججهو ئي آهي، جيڪي تنهنجو آهي، سو تو وٽ ئي رهي.


پوءِ ٽئين ڏينهن يوسف انهن کي چيو تہ آءٌ خدا کان ڊڄان ٿو، سو اوهين هيئن ڪريو تہ اوهان جي جان بچي پوي.


تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.


۽ هن چيو تہ ڀلي جي هو صلح جي لاءِ نڪري آيا هجن تہ بہ اوهين هنن کي جيئرو هٿ ڪريو؛ يا جي هو جنگ لاءِ آيا هجن تہ بہ اُنهن کي جيئرو هٿ ڪريو.


پر اڳيان حاڪم، جي مون کان اڳي هئا، تن کي ماڻهن کان ڪجهہ ملندو هو، ۽ انهن کان هو شراب، ۽ ماني وٺندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ چانديءَ جا چاليهہ شيڪل؛ هائو، انهن جا نوڪر بہ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا: پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


عوض جي ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ايوب هو؛ اهو ڪامل ۽ سچو هو، ۽ خدا کان ڊڄندو هو، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندو هو.


۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.


تنهنجي ڊپ کان منهنجا لڱ ٿا ڪانڊارجن، ۽ آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڊڄان ٿو.


بڇڙائيءَ کان پاسو ڪر، ۽ ڀلائي ڪر، صلح جو طالب ٿيءُ، ۽ انهي جي پٺيان لڳو رهہ.


ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.


ڀورڙو ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساهہ ڪري ٿو: پر سياڻو ماڻهو پنهنجي هلڻ ڏي چڱيءَ طرح نهاري ٿو.


جيڪو جلد ڪاوڙجي ٿو سو بي عقليءَ جي هلت ڪري ٿو: ۽ خراب رٿن ڪرڻ وارو ماڻهو ڌڪارڻ ۾ اچي ٿو.


سچي جو شاهي رستو آهي بديءَ کان پري ڀڄڻ؛ جيڪو پنهنجو رستو سنڀالي ٿو، سو پنهنجو ساهہ بچائي ٿو.


رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.


سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا.


سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو هميشہ ڊڄي ٿو، پر جيڪو پنهنجي دل سخت ڪري ٿو سو خرابيءَ ۾ ڪري ٿو.


جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جو تڪرار ڪنهن بي عقل ماڻهوءَ سان ٿيو، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کلي، پر آرام ڪونہ ايندس.


پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:


هو سڌو هن جي پٺيان هليو وڃي ٿو، جيئن ڪو ڏاند ڪوس تي وڃي يا جيئن زنجيرن ۾ بي عقل سزا لاءِ وڃن؛


هن جي وات جي ڳالهين جي شروعات بي عقلي آهي: ۽ هن جي گفتگو جي پڇاڙي نقصان جهڙي چريائي آهي.


۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي، بلعام سوڌو ويهي رهي: تنهن تي بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن گڏهہ کي پنهنجيءَ لٺ سان ماريو.


پوءِ اُهي فريسي جي ساڻس هئا، تن اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ اسين بہ انڌا آهيون ڇا؟


هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ