9 سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.
9 سچار ماڻهو روشن ۽ چمڪندڙ ڏيئي مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهو وسامندڙ ڏيئي جيان آهن.
۽ هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو فرقو ڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ يروشلم جو شهر، جو مون پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو آهي، تنهن ۾ هميشہ منهنجي اڳيان منهنجي ٻانهي دائود وٽ هڪڙو ڏيئو هجي.
ڪيترا نہ ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ شريرن جو ڏيئو وسايو ٿو وڃي؟ ۽ هنن جي آفت هنن جي مٿان اچي ڪڙڪي ٿي؟ خدا پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن تي ڏک موڪلي ٿو.
جڏهن هن جو ڏيئو منهنجي مٿان چمڪندو هو، ۽ هن جي سوجهري تي آءٌ اونداهيءَ مان هليو ويندو هوس؛
سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي.
راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي.
مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.
دولتمند جي حياتيءَ جو عيوضو سندس دولت آهي: پر غريب ڪوبہ دڙڪو ڪونہ ٿو ٻڌي.
جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.
ڇالاءِ جو خراب ماڻهوءَ کي ڪوبہ انعام نہ ملندو؛ شرير جو ڏيئو اُجهامي ويندو.
پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.
۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.
سو پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس گهراڻي مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي ڀائرن سان گڏ اسان کي حصو ڏيو.
تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.
۽ اياڻين سياڻين کي چيو تہ پنهنجي تيل مان ڪجهہ اسان کي بہ ڏيو، ڇالاءِ جو اسان جون ڏياٽيون ٿيون اُجهامن.