Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:4 - Sindhi Bible

4 سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو اسحاق جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو، تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.


اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا.


جيڪو ڍري هٿ سان ڪم ڪري ٿو سو ڪنگال ٿئي ٿو: پر محنتيءَ جو هٿ مالدار ڪري ٿو.


سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو.


جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي.


محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو.


سست ماڻهو جيڪو شڪار پڪڙي ٿو سو ڪباب نٿو ڪري: پر ماڻهن جو قيمتي مال محنتيءَ جي لاءِ آهي.


جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.


سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو.


سست ماڻهو سياري جي ڪري هر نہ ڏيندو؛ تنهن ڪري فصل لهڻ وقت هو پنندو ۽ ڪجهہ بہ نہ ملندس.


سست ماڻهوءَ جي خواهش کيس ڪهي ٿي؛ ڇالاءِ جو اُن جا هٿ پورهئي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا.


محنتيءَ جا خيال گهڻائيءَ جي پيدا جو سبب آهن: پر جيڪو تڪڙو آهي سو جلد ڪنگال ٿو ٿئي.


آءٌ سست ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگهيس، ۽ بي سمجهہ ماڻهو جي ڊاک جي منهہ وٽان بہ؛


۽ ڏس، چوڌاري انهيءَ تي ڪنڊا چڙهي ويا هئا، ۽ اُهو ڪانڊيرن سان ڍڪجي ويو هو ۽ انهيءَ جي پڪي ڀت بہ ڀڳي ڊٺي پيئي هئي.


سست چوي ٿو تہ رستي ۾ هڪڙو شينهن آهي، هڪڙو شينهن گهٽين ۾ آهي.


جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.


اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ:


سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو منهنجي ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجن دروازن تي خبردار ٿي بيهي ٿو، ۽ منهنجن درن جي چانئٺ تي منتظر ٿي بيهي ٿو.


مون پنهنجو گڊلو لاهي ڇڏيو آهي؛ اُهو آءٌ وري ڪيئن ڍڪيان؟ مون پنهنجا پير ڌوتا آهن؛ انهن کي آءٌ وري ڪيئن پليت ڪريان؟


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


۽ اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هرڪو پڇاڙيءَ تائين ڪامل اُميد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي؛


۽ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ سڀ ماڻهو چڙهي نہ وڃن: پر اٽڪل ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو چڙهي وڃن، ۽ عئي کي مارين؛ سڀني ماڻهن کي اوڏانهن موڪلڻ جي تڪليف نہ ڏي، ڇالاءِ جو هو ٿورا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ