Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:3 - Sindhi Bible

3 جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند منهنجي وات تي نگهبان بيهار: ۽ منهنجن چپن جي دروازي کي سنڀال.


پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائي کان، ۽ پنهنجي وات کي ٺڳي ڪرڻ کان سنڀال.


مون چيو تہ آءٌ پنهنجين واٽن جي خبرداري ڪندس، تہ منهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ نہ ٿئي: جيسين بدڪار منهنجي اڳيان هوندو، تيسين آءٌ پنهنجو وات ڄڻ لغام سان روڪيندس.


ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.


گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.


ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.


چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.


سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


بي عقلن جي وات ۾ مغروريءَ جي لٺ آهي: پر ڏاهن جا چپ انهن کي بچائين ٿا.


حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا.


بي عقل جو وات سندس موت آهي، ۽ سندس چپ سندس روح جو ڦانڌو آهن.


جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.


جيڪو پنهنجي وات ۽ پنهنجي زبان جي سنڀال ڪري ٿو، سو پنهنجي جان تڪليفن کان بچائي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.


تڏهن هن چيس تہ جيڪڏهن مون کي نوان رسا ٻڌندا جي اڳي ڪم آيل نہ هوندا، تہ آءٌ هيڻو ٿي ويندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.


تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ