Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:25 - Sindhi Bible

25 سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سچار ماڻهو جيترو بہ کائي ٿو تہ سندس ڍءُ ٿيو وڃي، جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڪيترو بہ کائي پر سدائين بکيو ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:25
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي.


خداوند سچن جي روح کي بک مرڻ، نہ ڏيندو: پر هو شريرن جي خواهش برباد ڪيو ڇڏي.


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي، ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگر ايندي.


اهي بک سان ڳري ويندا، ۽ سخت گرميءَ سان ڀسم ٿي ويندا؛ آءٌ انهن تي جهنگلي جانورن جا ڏند، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن جو زهر موڪليندس.


ڇالاءِ جو جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اوهان کي اهو حڪم ڏنوسون، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اُهي کائي بہ نہ.


ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي؛ ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگي ايندي.


راستباز ماڻهوءَ وٽ جيڪي ٿورو آهي سو بڇڙن جي گهڻي دولت کان چڱو آهي.


تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


۽ جڏهن سڀ کائي کپائي چڪو، تڏهن اُنهي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو؛ ۽ هو محتاج ٿيڻ لڳو.


هو توکي ساري عمر چڱين شين سان ڍءُ ٿو ڪرائي؛ ۽ تون عقاب وانگر نئين سر جوان ٿو ٿين.


آءٌ هن جي رزق ۾ ججهي برڪت وجهندس؛ ۽ سندس محتاجن کي ماني کارائي ڍءُ ڪرائيندس.


جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ