Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:20 - Sindhi Bible

20 ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:20
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام جو ڀائٽيو لوط جو سدوم ۾ رهندو هو، تنهن کي ۽ سندس سڀ مال متاع کي بہ هو کڻي ويندا رهيا.


۽ جيڪي ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، تن هن کي چيو تہ اهي ماڻهو جن توکي چيو آهي تہ تنهنجي پيءُ اسان جي پاڃاري ڳري ڪئي آهي، تون اُها اسان جي لاءِ هلڪي ڪر؛ تن کي تون چئُہ تہ منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان ٿلهي آهي.


پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن رد ڪئي، پر جيڪي جوان ماڻهو هن سان گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس اڳيان بيهندا هئا، اُنهن سان صلاح مشورت ڪرڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن رٿن جي سردارن يهوسفط کي ڏٺو، تڏهن هنن چيو تہ يقيناً اهو اسرائيل جو بادشاهہ آهي؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ پاسي تي لڙيا: ۽ يهوسفط هڪل ڪئي.


۽ هن يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏانهن جنگ ڪرڻ لاءِ هلندين؟ ۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ جهڙو تون آهين اهڙو آءٌ آهيان، جهڙا تنهنجا ماڻهو آهن تهڙا منهنجا ماڻهو آهن، جهڙا تنهنجا گهوڙا آهن تهڙا منهنجا آهن.


پر جيڪا صلاح اُنهن پير مردن هن کي ڏني، سا هن نہ ورتي، ۽ جيڪي جوان ماڻهو ساڻس گڏ پلجي وڏا ٿيا هئا، ۽ جي سندس اڳيان بيهندا هئا، تن سان هن صلاح مشورت ڪئي.


۽ ياهو بن حناني غيب دان هن جي استقبال لاءِ ويو ۽ يهوسفط بادشاهہ کي چيائين، تہ اهو مناسب آهي ڇا تہ تون شريرن کي مدد ڏين ۽ جي خداوند کي ڌڪارين ٿا تن کي پيار ڪرين؟ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند جي طرفان توتي ڪاوڙ آئي.


۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جيئن اخي اب جي گهراڻي ڪيا هئا: ڇالاءِ جو سندس پيءُ جي مرڻ کانپوءِ انهن کيس صلاحون ڏيئي ناس ڪيو.


جيڪي توکان ڊڄن ٿا، ۽ تنهنجن قاعدن تي عمل ٿا ڪن، تن سڀني جو آءٌ ساٿي آهيان.


حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي.


بي عقل ماڻهوءَ جي روبرو ويندين تہ هن ۾ علم وارا چپ نہ ڏسندين.


جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.


جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم:


تہ متان تون هنن جون عادتون سکين، ۽ پنهنجي جان جي لاءِ هڪڙو ڦانڌو پيدا ڪرين.


هن جو گهر قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي، جو لهي موت جي ڪوٺين ڏانهن ٿو وڃي.


بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛


۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ