Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:19 - Sindhi Bible

19 حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن دل جي مراد پوري ٿي ٿئي، تڏهن ڪيڏي نہ خوشي ٿي ٿئي! بدڪاريءَ کان دور رهڻ کان بي‌عقل ماڻهو نفرت ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ هيئن بہ چيو تہ شل خداوند اسرائيل جو خدا برڪت وارو هجي، جنهن اڄوڪي ڏينهن منهنجي تخت تي ويهڻ لاءِ ڪو ڏنو آهي، ۽ اُهو منهنجين اکين ڏٺو آهي.


۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.


بڇڙائيءَ کان پاسو ڪر، ۽ ڀلائي ڪر، صلح جو طالب ٿيءُ، ۽ انهي جي پٺيان لڳو رهہ.


بڇڙائيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ نيڪي ڪر؛ تہ تون سدائين قائم رهندين.


ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.


جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.


ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.


سچي جو شاهي رستو آهي بديءَ کان پري ڀڄڻ؛ جيڪو پنهنجو رستو سنڀالي ٿو، سو پنهنجو ساهہ بچائي ٿو.


رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا.


خوني ماڻهو ڪامل انسان کي ڌڪاري ٿو، پر سچا ماڻهو هن جي ساهہ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي.


پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:


اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ