Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:12 - Sindhi Bible

12 ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اميد پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري دل ٽٽي پوي ٿي، مگر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي، تڏهن دل خوشين سان ڀرجيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون توکي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي ڀلي تہ منهنجو موت اچي.


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو چهرو ڇو غمگين آهي، جيتوڻيڪ تون بيمار نہ آهين؟ هي دل جي ڏک کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي. تڏهن آءٌ ڏاڍو ڊنس.


اي خداوند مون کي جلد جواب ڏي؛ منهنجو روح ماندو ٿو ٿئي، مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ؛ متان آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر ۾ ٿا پون.


باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.


سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو.


اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.


جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو.


حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي.


جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.


اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جي منهنجو محبوب ڏسو تہ ٻڌائجوس تہ آءٌ محبت جي بيمار آهيان.


سو هاڻي اوهان کي بہ ڏک ٿو ٿئي، پر آئون اوهان کي وري گڏبس، ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، ۽ اوهان جي خوشي اوهان کان ڪوبہ ڪونہ کسيندو.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.


۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ