Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:10 - Sindhi Bible

10 مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:10
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ساري اسرائيل قوم ڏٺو تہ بادشاهہ سندس ڳالهہ نہ مڃي تڏهن ماڻهن بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪهڙي پتي آهي؟ اسان جو يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي: اي اسرائيليو، پنهنجن تنبن ڏي هليا وڃو: هاڻي اي دائود، تون پنهنجي گهر جي نظر ڪج. تڏهن اسرائيلي پنهنجن تنبن ڏي هليا ويا.


تو برابر ادوم کي جيتيو آهي ۽ تنهنجي دل تنهنجو مٿو ڦيرائي ڇڏيو آهي: انهيءَ تي فخر ڪري گهر ويٺو رهہ: ڇو ٿو ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪري پاڻ کي نقصان پهچائين، متان تون پاڻ بہ ڪرين ۽ يهوداہ کي بہ پاڻ سان ڪيرائين؟


اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.


سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.


جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.


صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.


سڀڪو ڪم صلاح مصلحت سان قائم ٿئي ٿو: ۽ تون سياڻي صلاح وٺي پوءِ جنگ ڪر.


مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.


تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.


جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.


۽ منجهن اهو بہ تڪرار ٿيو تہ اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو.


اُهو مغروريءَ سان ڦنڊيل ۽ جاهل آهي؛ بلڪ لفظي تڪرارن ۽ بحث جو ڪوڏيو ٿو ٿئي، جن مان حسد، جهيڙو، بدگويون ۽ بدگمانيون پيدا ٿيون ٿين،


اوهان ۾ جنگيون، جهيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انهن خواهشن مان نٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ پيون جنگ ڪن؟


۽ هيئن ٿيو تہ جن انهي کي ٿي ڏٺو، تن سڀني ٿي چيو تہ جنهن ڏينهن کان بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اهڙو ڪم نہ ڪيو ويو نہ ڏٺو ويو آهي: ويچار ڪريو ۽ انهيءَ بابت صلاح مشورو ڪريو، ۽ ٻڌايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ