Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:1 - Sindhi Bible

1 ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو پنهنجي پيءُ آسا جي سڀني رستن تي هليو؛ هو انهيءَ کان ڪنهن بہ پاسي نہ ڦريو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيائين: انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڪيرايون نہ ويون؛ ۽ ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ذبح ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.


سليمان جا مثل. ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل پٽ پنهنجي ماءُ جي دل جو بار آهي.


بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.


ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.


ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.


ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل ماڻهو پنهنجي ماءُ کي ڌڪاري ٿو.


بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.


تنهن ڪري هاڻي اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ جيڪي لفظ منهنجي واتان نڪرن ٿا تن تي ڌيان ڏيو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو ڏوهہ ڪندو، تہ خدا انهي جو انصاف ڪندو: پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جو گناهہ ڪندو، تہ ڪير اُنهي جي لاءِ شفاعت ڪندو؟ تنهن هوندي بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي مارڻ ٿي گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ