Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 12:23 - Sindhi Bible

23 سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 12:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ رات جو آءٌ اُٿيس، ۽ ڪي ٻيا ٿورا ماڻهو بہ مون سان هئا؛ مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجي دل ۾ يروشلم جي اڏائڻ لاءِ ڇا وڌو آهي: جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هوس، تنهن کانسواءِ ڪو ٻيو وهٽ بہ مون سان ڪونہ هو.


۽ حاڪمن کي اها خبر ڪانہ پيئي تہ آءٌ ڪيڏانهن ويس، ۽ ڇا ڪيم: ۽ نہ اها ڳالهہ مون يهودين کي، يا ڪاهنن کي يا اميرن کي يا حاڪمن کي، يا ٻين ڪم ڪندڙن کي ٻڌائي هئي.


ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.


گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.


جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو.


سڀڪو سياڻو ماڻهو علم سان ڪم ڪري ٿو: پر بي عقل بي عقلي پکيڙي ٿو.


ڏاهپ انهيءَ جي دل ۾ ٿي رهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر جيڪي بي عقلن جي دل ۾ آهي سو ظاهر ٿيو پوي.


ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.


بي عقل کي سمجهہ مان ڪابہ خوشي حاصل نٿي ٿئي، سواءِ هن جي تہ سندس دل پنهنجو حال ظاهر ڪري.


بي عقل پنهنجي سڀ ڪاوڙ ظاهر ڪيو وجهي، پر ڏاهو ماڻهو اُها پٺ تي رکي ڇڏي ۽ انهي کي ماٺو ڪري ٿو.


هائو، هيئن بہ آهي تہ جڏهن بي عقل رستو ڏيئي هلي ٿو تڏهن سمجهہ ڇڏيو وڃيس ۽ سڀ ڪنهن کي چوندو وتي تہ آءٌ بي عقل آهيان.


تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي چيو تہ هن اسان کي چٽيءَ طرح ٻڌايو تہ گڏهہ لڌا آهن. پر بادشاهت واري ڳالهہ، جا سموئيل هن کي چئي هئي، سا هن انهي کي نہ ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ