Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 12:16 - Sindhi Bible

16 بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 بي‌وقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 12:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو.


جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو.


ڏاهپ انهيءَ جي دل ۾ ٿي رهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر جيڪي بي عقلن جي دل ۾ آهي سو ظاهر ٿيو پوي.


جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي.


جيڪو ڪو قصور لڪائي ٿو سو محبت ڳولي ٿو: پر جيڪو هڪڙيءَ ڳالهہ تي پيو پتوڙي سو گهاٽا دوست جدا ڪري ڇڏي ٿو.


جنهن جي طبيعت روڪڻ جي ناهي، سو انهي شهر وانگر آهي جو ڀڄي پيو هجي ۽ ڀت ڪانہ هجيس.


پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري وزني آهي، پر بي عقل جي چڙ انهن ٻنهي کان ڳري آهي.


بي عقل پنهنجي سڀ ڪاوڙ ظاهر ڪيو وجهي، پر ڏاهو ماڻهو اُها پٺ تي رکي ڇڏي ۽ انهي کي ماٺو ڪري ٿو.


اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ