Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 12:11 - Sindhi Bible

11 جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 12:11
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.


تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو.


آءٌ بيهودن ماڻهن سان نہ ويٺو آهيان؛ نڪي ڪوڙ ڪندڙن سان گڏ ڪيڏانهن ويندس.


ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.


غريبن جي ٻنيءَ ۾ گهڻو اَنُ آهي: پر اهڙا بہ ڪي آهن جي بي انصافيءَ جي ڪري ناس ٿا ٿين.


سڀ ڪنهن پورهئي مان فائدو آهي: پر چپن جي بڪ بڪ مان ڪنگالپڻ ٿو پيدا ٿئي.


جتي ڏاند ناهن اتي آهرو صاف ٿو رهي: پر اَن جي زيادہ پيدائش ڏاند جي مضبوطائيءَ جي ڪري آهي.


ننڊ کي پيار نہ ڪر تہ متان ڪنگال ٿي پوين، پنهنجيون اکيون کول تہ مانيءَ جو ڍءُ ٿئيئي.


۽ ٻڪرين جو کير تنهنجي ۽ تنهنجي گهر وارن جي کائڻ لاءِ، ۽ تنهنجين ٻانهين جي گذران لاءِ ڪافي ٿيندو.


جيڪو پنهنجي زمين کي پوکي ٿو تنهن کي مئو ماني ملندي، پر جيڪو اجاين ماڻهن جي پٺيان ٿو لڳي سو گهڻو ڪنگال ٿيندو.


جيڪو ڪنهن زال سان زنا ڪري ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي؛ جيڪو اهو ڪندو سو پنهنجي جان ناس ڪندو.


۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،


بي عقل زال بڪ بڪ ڪندڙ آهي: هوءَ ڀورڙي آهي ۽ ڪجهہ نٿي ڄاڻي.


جيڪو ڀورڙو هجي سو ڦري هيڏانهن اچي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهن کي هو چوي ٿي تہ،


بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.


جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.


جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي.


نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون.


۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ