Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:9 - Sindhi Bible

9 بيدين ماڻهو پنهنجي وات سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ناس ڪري ٿو: پر سچو ماڻهو علم جي وسيلي بچايو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو رکي سو پنهنجي بڪواس سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي برباد ٿو ڪري، مگر سچار ماڻهو ڏاهپ وارين ڳالهين سان پنهنجي پاڙيسريءَ جي حفاظت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:9
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


انهيءَ لاءِ تہ بي دين ماڻهو حڪومت نہ ڪري، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي.


جيڪي خدا کي وسارين ٿا تن سڀني جا رستا اهڙا ئي آهن؛ ۽ بي دين ماڻهوءَ جي اُميد نابود ٿي ويندي:


جنهن مون کي طعنا هنيا سو دشمن ڪونہ هو: هوند آءٌ اهو سهي وڃان ها: ۽ جنهن پاڻ کي منهنجي برخلاف پڏايو تنهن کي مون سان دشمني ڪانہ هئي؛ هوند ۽ آءٌ پاڻ کي انهي کان لڪايان ها.


سچن جي سچائي کين ڇڏائيندي: پر جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن سي خود پنهنجي ئي حرڪت ۾ ڦاسي پوندا.


سچو تڪليف کان بچايو وڃي ٿو: ۽ شرير انهيءَ جي جاءِ تي اچي پوي ٿو.


ظالم ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌتاري وٺي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ رستي تي وٺي ٿو وڃيس جو چڱو ناهي.


ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن.


پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:


۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا.


مون جو اوهان کي لکيو آهي سو هن ڪري نہ، تہ اوهان کي سچ جي خبر ڪانهي، پر هن ڪري تہ اوهان کي انهي جي خبر آهي، ۽ هن ڪري تہ سچ مان ڪو ڪوڙ نٿو نڪري.


باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ