8 سچو تڪليف کان بچايو وڃي ٿو: ۽ شرير انهيءَ جي جاءِ تي اچي پوي ٿو.
8 سچارن کي خداوند مصيبتن مان بچائي وٺي ٿو، مگر بدڪارن تي مصيبتون اچيو ڪڙڪن.
راستبازن جي نجات خداوند جي طرفان آهي: ۽ مصيبت جي وقت اهو ئي سندس مضبوط قلعو آهي.
جڏهن ڪو شرير ماڻهو مري ٿو، تڏهن اُنهي جي مراد بہ مرندي: ۽ ظالم ماڻهوءَ جي اُميد چٽ ٿي وڃي ٿي.
بيدين ماڻهو پنهنجي وات سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ناس ڪري ٿو: پر سچو ماڻهو علم جي وسيلي بچايو ويندو.
چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.
شرير ماڻهو سچي جو بدلو آهي؛ ۽ دغاباز ماڻهو ايماندار جي عيوض.
تڏهن بادشاهہ دارا سڀني ماڻهن ۽ قومن، ۽ جدا جدا ٻولين وارن ڏي لکيو، جي دنيا ۾ رهندا هئا، تہ شل اوهان جي لاءِ سلامتي وڌي.