Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:5 - Sindhi Bible

5 ڪامل جي سچائي ان جي رهنمائي ڪري ٿي: پر شرير پنهنجي ئي شرارت جي ڪري ڪري پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


هن جي زور جا قدم سوڙها ڪيا ويندا، ۽ خود هن جي صلاح مشورت کيس هيٺ ڪيرائي ڇڏيندي.


ڇالاءِ جو اُهي پنهنجي ئي خون جي لاءِ منتظر ٿي ٿا ويهن، ۽ پنهنجين ئي حياتين لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ٿا ويهن.


سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي.


ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.


سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


سست ماڻهو جو رستو ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو آهي: پر سچي جي واٽ شاهي سڙڪ ڪئي ٿي وڃي.


شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.


جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.


پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.


۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو.


تڏهن اسرائيل جي ماڻهن موٽي بنيمين جي ماڻهن کي حيران پريشان ڪيو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ مصيبت اچي مٿان ڪڙڪي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ