Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:4 - Sindhi Bible

4 دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خدا جي سزا کان دولت نہ بچائي سگھندي، مگر ايمانداري ئي بچائي سگھندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي.


سندس گهر جي برڪت هلي ويندي، ۽ هنجو مال متاع سندس ڪاوڙ جي ڏينهن، وهي هليو ويندو.


شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي.


ڇالاءِ جو غيرت ماڻهوءَ جو جوش آهي؛ ۽ وير وٺڻ واري ڏينهن هو ڪوبہ قياس نہ ڪندو.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


تڏهن جيتوڻيڪ انهي ۾ نوح، ۽ داني ايل، ۽ ايوب، اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي هجن، تہ بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي پنهنجي سچائيءَ سان فقط پنهنجو ساهہ بچائيندا.


هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي.


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟


پر خدا چيس، تہ اي نادان، اڄ ئي رات جو تنهنجي جان توکان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي ميڙي رکيو اٿيئي، سو ڪنهن جو ٿيندو؟


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي ئي شخص جي ڏوهہ ڪري موت اُنهي هڪڙي جي وسيلي حڪمراني ڪئي؛ تہ جي ماڻهو فضل ۽ سچائيءَ جي بخشش گهڻي انداز ۾ حاصل ٿا ڪن، سي ڪيترو نہ وڌيڪ هڪڙي شخص، يعني يسوع مسيح جي وسيلي، هميشہ جي زندگيءَ ۾ بادشاهي ڪندا.


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ