Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:24 - Sindhi Bible

24 ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.


تون ضرور هن کي ڏج، ۽ هن کي ڏيڻ وقت دل ۾ ڏک نہ ڪج: ڇالاءِ جو ائين ڏيڻ ڪري، خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو.


هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي.


شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.


جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو.


سچي جي خواهش رڳي نيڪي آهي: پر شرير جي اميد غضب آهي.


سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو.


ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي دولتمند ڪري ٿو، تہ بہ وٽس ڪي ڪين آهي: ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي غريب ڪري ٿو، تہ بہ وٽس گهڻي دولت آهي.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي تنهن کي ڪمي نہ ٿيندي، پر جيڪو پنهنجون اکيون لڪائي ٿو تنهن تي گهڻي لعنت پوندي.


۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.


ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ