Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:20 - Sindhi Bible

20 جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙن کان خداوند نفرت ٿو ڪري، مگر جيڪي نيڪيءَ جي رستي تي ٿا هلن، تن سان هو پيار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.


ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس.


ڇالاءِ جو خداوند راست آهي؛ ۽ راستيءَ کي چاهي ٿو: سچار سندس منهن ڏسندا.


مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


بيشڪ راستباز تنهنجي نالي جو شڪر ڪندا: ۽ سچار تنهنجي حضور ۾ رهندا.


ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.


جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جي سچائيءَ سان هلت ٿا ڪن تن مان هن کي خوشي ٿئي ٿي.


سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي.


بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.


خراب تجويزن کان خداوند کي ڪراهت اچي ٿي: پر وڻندڙ لفظ پاڪ آهن.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


سچي جو شاهي رستو آهي بديءَ کان پري ڀڄڻ؛ جيڪو پنهنجو رستو سنڀالي ٿو، سو پنهنجو ساهہ بچائي ٿو.


شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.


ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي.


بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي.


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


جيڪو ٺٺولي ڪندڙ کي سيکت ڏئي ٿو سو پنهنجي لاءِ شرم حاصل ڪري ٿو، ۽ جيڪو شرير ماڻهوءَ کي ملامت ڪري ٿو سو پاڻ تي داغ آڻي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ