Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 11:19 - Sindhi Bible

19 جيڪو سچائيءَ تي پڪو آهي سو حياتي حاصل ڪندو: ۽ جيڪو برائيءَ جي پٺيان ٿو لڳي سو خود پنهنجي موت لاءِ ائين ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سچائيءَ تي قائم رهڻ وارو زندگي حاصل ٿو ڪري، مگر بڇڙائيءَ جي راهہ تي هلڻ وارو خود پنهنجي موت کي ٿو ويجھو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 11:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تو جو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن سو انهيءَ ڪري ڇا تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪو خدا ڪونهي جنهن کان پڇا ڪري خبر وٺجي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين.


تنهنڪري هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن هنڌ تي تون سمهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. ۽ ايلياہ اُٿي روانو ٿيو.


سچي جو پورهيو حياتيءَ جو سبب آهي؛ پر شرير جو وڌڻ گناهہ جو سبب آهي.


دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي.


خداوند جو خوف حياتيءَ جو سبب آهي: ۽ جنهن کي اُهو آهي سو هميشہ راضي رهندو؛ انهيءَ کي ڪابہ خرابي ڪانہ رسندي.


جيڪو ماڻهو سمجهہ جي رستي کان نڪري ٻاهر وڃي ٿو، سو مئلن جي جماعت ۾ وڃي رهندو.


جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي.


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


جيڪي نسورو حق هجي، انهي جي تون پيروي ڪج، تہ تون جيئرو رهين، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جو وارث ٿئين.


پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي.


انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم ٿو ڪري، سو انهي وانگر راستباز آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ