16 مروت واري زال عزت واري رهي ٿي: پر ظالم دولتمند رهن ٿا.
16 مرد محنت سان دولت حاصل ڪري ٿو، مگر عورت سيرت سان عزت حاصل ڪري ٿي.
پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو.
سندس ٻار اُٿن ٿا ۽ کيس برڪت واري ٿا سڏين: سندس مڙس بہ سندس تعريف ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ:
ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.
اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو.
آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جتي ڪٿي بہ ساري دنيا ۾ هن انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي جيڪي هن زال ڪيو آهي تنهن جو ذڪر بہ سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.
پر هڪڙي ڳالهہ زيادہ ضروري آهي؛ ۽ مريم اُهو چڱو حصو چونڊي کنيو آهي، جو کانئس ڪين کسبو.
۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.
تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس.
مريم کي سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گهڻي محنت ڪئي.
هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛
۽ جڏهن دائود جا نوڪر ڪرمل ۾ ابيجيل وٽ آيا، تڏهن انهن هن کي چيو تہ دائود اسان کي تو ڏي موڪليو آهي تہ توکي وٺي هلون تہ هلي هن جي زال ٿين.