8 ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.
8 ڏاها ماڻهو سٺي صلاح ٻڌي اها مڃين ٿا، مگر بڪواسي بيوقوف ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏين.
مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ تنهنجي شريعت کي مڃيندو رهندس؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪندس.
انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:
جيڪو اک ڇنڀي ٿو سو ڏک پيدا ڪري ٿو؛ پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.
ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.
جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.
چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.
جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.
سڀ ڪنهن پورهئي مان فائدو آهي: پر چپن جي بڪ بڪ مان ڪنگالپڻ ٿو پيدا ٿئي.
سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.
ٺٺولي ڪندڙ کي ملامت نہ ڪر تہ متان هو توکي ڌڪاري: ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي ملامت ڪر تہ اُهو توکي پيار ڪندو.
ڏاهي ماڻهوءَ کي تعليم ڏي تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو: سچي ماڻهوءَ کي سيکار تہ هن جو علم زيادہ ٿيندو.
ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.
اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.