Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:6 - Sindhi Bible

6 سچي جي مٿي تي برڪتون آهن: پر شرير جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سچار ماڻهوءَ جي هر ڪو واکاڻ ٿو ڪري. بدڪار بہ پنهنجي زبان سان تہ سندس واکاڻ ڪن ٿا، پر سندن دل ۾ بڇڙائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.


جيڪو مرڻ لاءِ تيار هو تنهن جي دعا مون تي ايندي هئي، ۽ آءٌ بيوہ جي دل خوشيءَ سان سرهي ڪندو هوس.


سچار اهو ڏسي خوش ٿيندا، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي ويندو.


سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.


جيڪو اونهاري ۾ گڏ ڪري رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي: پر جيڪو لابارن جي موسم ۾ سمهي ٿو سو پٽ شرمندگي پيدا ڪري ٿو.


جيڪو اَنُ گڏ ڪري روڪي رکي ٿو تنهن کي خلق پِٽيندي: پر جيڪو اُهو وڪڻي ٿو تنهنجي سر تي دعا نازل ٿيندي.


پر جيڪي هن کي ملامت ڪن ٿا انهن جي لاءِ خوشي ٿيندي، ۽ انهن تي چڱي برڪت نازل ٿيندي.


ايماندار ماڻهوءَ کي بي انداز برڪتون حاصل ٿين ٿيون، پر جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بي سزا رهجي نہ ويندو.


خداوند جي لعنت شريرن جي گهر ۾ آهي؛ پر سچن جي رهڻ جي جاءِ تي هو برڪت وجهي ٿو.


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


جيڪا زور زبردستي تو پنهنجي ڀاءُ يعقوب سان ڪئي آهي، تنهن جي ڪري شرم توکي ڍڪي ڇڏيندو، ۽ تون هميشہ لاءِ وڍيو ويندين.


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ