Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:4 - Sindhi Bible

4 جيڪو ڍري هٿ سان ڪم ڪري ٿو سو ڪنگال ٿئي ٿو: پر محنتيءَ جو هٿ مالدار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو اسحاق جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو، تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.


جيڪو اونهاري ۾ گڏ ڪري رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي: پر جيڪو لابارن جي موسم ۾ سمهي ٿو سو پٽ شرمندگي پيدا ڪري ٿو.


ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.


محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو.


سست ماڻهو جيڪو شڪار پڪڙي ٿو سو ڪباب نٿو ڪري: پر ماڻهن جو قيمتي مال محنتيءَ جي لاءِ آهي.


سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي.


سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.


سست ماڻهو پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر ايترو بہ نہ ڪندو جو هو وري وات تائين آڻي.


ننڊ کي پيار نہ ڪر تہ متان ڪنگال ٿي پوين، پنهنجيون اکيون کول تہ مانيءَ جو ڍءُ ٿئيئي.


سست ماڻهو سياري جي ڪري هر نہ ڏيندو؛ تنهن ڪري فصل لهڻ وقت هو پنندو ۽ ڪجهہ بہ نہ ملندس.


محنتيءَ جا خيال گهڻائيءَ جي پيدا جو سبب آهن: پر جيڪو تڪڙو آهي سو جلد ڪنگال ٿو ٿئي.


سستيءَ جي ڪري ڇت ڪري پوي ٿي؛ هٿن جي ڍرائيءَ ڪري گهر سمي پوي ٿو.


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ