31 سچن جي وات مان ڏاهپ ٿي نڪري: پر بيهودي زبان وڍي ويندي.
31 سچارن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون نڪرنديون رهنديون، جڏهن تہ ڪوڙن جي زبان وڍي ويندي.
انهن چيو آهي تہ اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين؛ اسان جا چپ اسان جا ئي آهن: ڪير اسان جو مالڪ آهي؟
جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ.
راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.
پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو.
سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.
سياڻپ واري جي چپن ۾ ڏاهپ لڀي ٿي: پر جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهنجي پٺن لاءِ لڪڻ آهي.
جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي.
هوءَ ڏاهپ سان پنهنجو وات پٽي ٿي؛ ۽ مهربانيءَ جو قاعدو سندس زبان تي آهي.