تو ڏٺو آهي: ڇو جو تون دغا ۽ بغض تي نگاهہ ٿو رکين، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿ سان انهي جو بدلو ڏين: لاچار پاڻ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪري؛ تون ئي يتيمن جو مددگار آهين.
خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.