29 خداوند جو رستو سچي جي لاءِ هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي: پر گناهہ ڪندڙن جي لاءِ موت آهي.
29 سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِپناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي.
اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟
ڇالاءِ جو خداوند، راستبازن جي واٽ ڄاڻي ٿو: پر بڇڙن جي واٽ نابود ٿي ويندي.
بدڪار اُتي ئي ڪِريا پيا آهن: اهي ڌڪجي ويا آهن ۽ وري اُٿي ڪين سگهندا.
پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا، ۽ خداوند جا دشمن ساوڪ ۽ گاهہ وانگر نابود ٿي ويندا؛ اهي دونهين وانگر اُڏامي ويندا.
اهي طاقت ۾ وڌندا ٿا وڃن، انهن مان هرڪو صيون ۾ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿو ٿئي.
جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن.
جڏهن ڪو شرير ماڻهو مري ٿو، تڏهن اُنهي جي مراد بہ مرندي: ۽ ظالم ماڻهوءَ جي اُميد چٽ ٿي وڃي ٿي.
سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي.
عدالت ڪرڻ سچي جي لاءِ خوشي آهي، پر بي انصافي ڪندڙن لاءِ اهو هڪڙو موت آهي.
پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.
ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.
جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.