Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:25 - Sindhi Bible

25 جڏهن واچوڙو لنگهي ٿو، تڏهن شرير گم ٿي وڃي ٿو: پر سچي جو بنياد سدائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:25
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.


هو خواب وانگر اُڏامي ويندو، ۽ لڀندو ئي ڪين: هائو، هو رات جي رويائن وانگر ڀڄايو ويندو.


۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو.


جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.


جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


راستباز جڏهن هي بدلو ڏسندو، تڏهن خوش ٿيندو: هو بدڪار جي رت سان پنهنجا پير ڌوئيندو.


اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.


جڏهن اوهان تي ڊپ طوفان وانگر ايندو، ۽ اوهان جي مصيبت واچوڙي وانگر ايندي؛ جڏهن تنگي ۽ ڏک اوهان تي ايندو؛


سچا ڪڏهن بہ چوريا نہ ويندا: پر شرير ملڪ ۾ ڪڏهن بہ نہ رهندا.


ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.


شرير اونڌا اُڇلايا وڃن ٿا ۽ هستيءَ ۾ ناهن: پر سچن جو گهر قائم بيٺو رهندو.


هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي.


۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.


۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛


۽ آئيندہ لاءِ پنهنجي واسطي چڱو بنياد قائم ڪن تہ اها زندگي حاصل ڪن جا حقيقي آهي.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ