Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:24 - Sindhi Bible

24 شرير جو ڊپ سندس سر تي ايندو: ۽ سچي جي مراد پوري ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سچارن کي سندن خواهش موجب ئي نوازيو ويندو، مگر بدڪار جنهن ڳالهہ کان ڊڄن ٿا سا ئي مٿن اچي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خوف جو آواز هنن جي ڪنن ۾ آهي، سک ۾ ڦرلٽ ڪرڻ وارو هن تي ڪاهي ايندو.


ڇالاءِ جو جنهن شيءِ کان آءٌ ڊڄان ٿو سا مون تي اچي ٿي، ۽ جنهن شيءِ کان مونکي ڊپ ٿو ٿئي سا مون ڏانهن اچي ٿي.


جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو.


تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي.


خداوند ۾ خوش رهہ؛ ۽ هو تنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪندو.


اوهان جي مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ بہ کلندس؛ جڏهن اوهان تي ڊپ ايندو تڏهن آءٌ ٺٺوليون ڪندس؛


جڏهن اوهان تي ڊپ طوفان وانگر ايندو، ۽ اوهان جي مصيبت واچوڙي وانگر ايندي؛ جڏهن تنگي ۽ ڏک اوهان تي ايندو؛


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


اوهين ترار کان ڊنا آهيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي ترار آڻيندس.


اها سڄي حالت بادشاهہ نبوڪدنضر تي ٿي گذري.


مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا.


آئون اوهان کي يتيم ڪري ڇڏي ڪين ويندس، آئون اوهان وٽ ايندس.


هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ