23 شرارت ڪرڻ بي عقل جي لاءِ هڪڙي راند آهي: ۽ سمجهہ واري جي لاءِ ڏاهپ بہ ائين ئي آهي.
23 بيعقل کي بدڪاريءَ مان مزو ٿو اچي، مگر سمجھہ وارو ڏاهپ مان لطف حاصل ٿو ڪري.
بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.
جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.
ڏاهپ واري دل سياڻي سڏبي: ۽ چپن جو مٺاڻ علم وڌائي ٿو.
جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا:
اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.