لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.
۽ اوهين هر طرح پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کان روڪجو، تہ متان اوهين پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کڻڻ سان لعنتي ڪريو، ۽ اسرائيل جي منزلگاهہ کي لعنتي ڪريو، ۽ انهيءَ کي تڪليف ۾ وجهو.