20 سچي جي زبان عمدي چاندي آهي: شرير جي دل جو ڪوبہ ملهہ ڪونهي.
20 سچار ماڻهوءَ جون ڳالهيون خالص چانديءَ مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي سوچ ڪين جهڙي آهي.
پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي.
۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.
راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.
ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.
نيڪ زبان حياتيءَ جو هڪڙو وڻ آهي: پر انهيءَ جي ڏنگائي روح جي شڪست آهي.
سچا چپ بادشاهن جي خوشي آهن: ۽ جيڪو سچ ڳالهائيندو آهي تنهن کي هو پيار ڪندا آهن.
سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.
ڇالاءِ جو جيئن هو پنهنجي دل ۾ خيال ڪري ٿو تيئن ئي هو آهي: هو توکي چوي ٿو تہ کاءُ ۽ پيءُ؛ پر هن جي دل تو سان نہ آهي.
منهنجو ميوو سون کان، هائو عمدي سون کان بهتر آهي؛ ۽ منهنجي پيدائش عمديءَ چانديءَ کان بهتر آهي.
دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟