Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 10:19 - Sindhi Bible

19 گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 10:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گهڻين ڳالهين جو جواب نہ ڏجي ڇا؟ ۽ گهڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجهيو ويندو ڇا؟


مون چيو تہ آءٌ پنهنجين واٽن جي خبرداري ڪندس، تہ منهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ نہ ٿئي: جيسين بدڪار منهنجي اڳيان هوندو، تيسين آءٌ پنهنجو وات ڄڻ لغام سان روڪيندس.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو بي عقل آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ گذاري ٿو.


جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو.


سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.


حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا.


جڏهن تون خدا جي گهر ۾ وڃين تڏهن پنهنجي قدم جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو بي عقلن جي قرباني ڏيڻ کان، ٻڌڻ جي لاءِ ويجهو وڃڻ بهتر آهي: هن ڪري جو انهن کي اها خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪو بڇڙو ڪم ٿا ڪن.


پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ.


ڇالاءِ جو خواب ڪم جي گهڻائيءَ کان ٿو اچي؛ ۽ بي عقل جو آواز ڳالهين جي گهڻائيءَ کان.


اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:


ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ